جوهيءَ وارو ٺلهه

جوهيءَ وارو ٺلهه (ماڳ): جوهيءَ شهر جي ڏکڻ ۾ اڳوڻي تلاءَ جي ڪناري اٽڪل چاليهه يا پنجاهه فٽ اونچو ٺل اڄ به موجود آهي، پر موجوده دور ۾ ان کي اڌ کان وڌيڪ ڊاهي نجف شاهه جو اوتارو جوڙيو ويو آهي. هيءُ ٺل هن صورتحال ۾ به زمين جي سطح کان ٽيهارو فٽ مٿي ۽ اٽڪل 30 فٽ کن ويڪرو آهي. سڄو ٺل چيڪي مٽيءَ سان جڙيل هو. ٺل کي ڏکڻ طرف ڏاڪڻ هوندي هئي ۽ چوٽيءَ تي ڪوٺي نما اڏاوت هوندي هئي. هاڻي هن تاريخي ۽ ٻڌ ڌرم جي عبادت واري ماڳ کي ميساري ان جي اصلي حالت غائب ڪئي ويئي آهي، نه ته هيءُ واحد ماڳ آهي، جنهن جي بنياد تي جوهي شهر جي قدامت بابت اندازو ڪري سگهجي ها.


هن صفحي کي شيئر ڪريو